چنيهه فقير ميان محمد جي مقبري واري مسجد

چنيهه فقير ميان محمد جي مقبري واري مسجد

چنيهه فقير ميان محمد جي مقبري واري مسجد

چنيهه فقير ميان محمد جي مقبري واري مسجد: چنيهه فقير ميان محمد ولد ميان محمد عثمان اڄڻ جي مقبري جي ڀر ۾ قائم هيءُ مسجد آڳاٽو يادگار آهي، جنهن کي جديد طرز تعمير سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور جي شهر کهڙا ۾ قائم چنيهه فقير جو مقبرو ۽ اڄڻ فقيرن جون مزارون ماڻهن جي زيارت گاهه آهن. هتي قائم مسجد مقبري جي ڀر ۾ آهي: مهاڙيءَ ۾ ڪاشيءَ جون سرون هڻي مسجد جي جنسار کي وڌايو ويو آهي. اڱڻ ۾ فرشبندي ٿيل اٿس. ونگائين لنگهه ۾ چوڪاٺي سان ڪاٺ جو سائو دروازو ۽ ٻنهي پاسن کان درين جا نمائشي ڪالم آهن. ٻيڙٻني تي ويڪرو تاج آهي، جنهن جي وچ تي ڪنگريون ۽ پاسن کان ٿنڀڙين تي نيلون هنيون ويون آهن. چئني ڪنڊن تي ننڍا ٿنڀ، انهن تي ننڍڙا گنبذ ۽ نيلون نصب ٿيل آهن. ڇت گچ گاري سان لنبيل آهي. اٺڪنڊي ڳچ تي گول وڏو گنبذ رکيل آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻي جي گل مٿان وڏي نيل هنئي وئي آهي. مسجد آڳاٽي تعمير آهي، هن وقت مرمت ڪرائي ان کي نئون ڪيو ويو آهي. مسجد جي اندر پڻ رنگ روغن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو